SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ويانا ڪانگريس


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ويانا ڪانگريس

Congress of Vienna

ڪانگريس آف ويانا

هيءَ ڪانگريس 18 سيپٽمبر 1814ع کان جُون 1815ع تائين نئپوليئن جي شڪست کان پوءِ آسٽريا جي گاديءَ واري شهر ويانا ۾ آسٽريائي چانسلر مئٽرنخ جي صدارت هيٺ منعقد ٿي. ان گڏجاڻيءَ ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويا، تن جو مقصد يورپ ۾ هڪ اهڙو نئون بين الاقوامي نظام قائم ڪرڻ هو، جنهن جي نتيجي ۾ فرانس جي قبضي هيٺ آيل ڪيترائي علائقا پروشيا، روس، آسٽريا ۽ هالئنڊ کي ڏنا ويا ۽ ڪجهه علائقن ۾ بادشاهي سرشتو (جنهن سرشتي جو نئپوليئن انهن علائقن ۾ خاتمو آندو هو) ٻيهر قائم ڪيو ويو. آسٽريا جي چانسلر ميٽرنخ ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هيءَ ڪانگريس واٽرلو واريءَ جنگ کان اڳ شروع ٿي ۽ ان جي پڄاڻيءَ کانپوءِ هيٺيان اُپاءَ ورتا ويا.
(1)    يورپي سياسي نقشي جي نئين سر جوڙجڪ ٿي.
(2)    سئٽزرلئنڊ کي نئون آئين ڏئي مڪمل آزادي ڏيڻ جو وعدو ڪيو ويو.
(3)    اقليتن جي حقن کي محفوظ بڻايو ويو.
(4)    يورپي دريائن کي آزاد جهاز رانيءَ لاءِ کوليو ويو.
(5)    مُختلف يورپي سامونڊي ٻيٽن جي ورهاست ٿي.
انقلابي تحريڪن کي تباهه ڪرڻ ۽ استحصالي ٽولن کي ٻيهر يورپ مٿان مڙهڻ ۽ انقلاب فرانس کان وٺي يورپ ۾ جيڪا تبديلي شروع ٿي هئي، تنهن کي روڪڻ جي معاملن تي سهمتي اِن ڪانگريس جو اصل ڪارنامو (ڪڌو ڪم) هو. البت ان ڪانگريس جي نتيجي ۾ اڳتي هلي ”قومن جي مجلس“ ۽ ”گڏيل قومن“ جهڙا عالمي ادارا جوڙڻ جي خيالن کي هٿي ملي.


Remember Me Also:

تلهائي

ث. سلامتي. ضمانت. سوگهائي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal